Genesis 41:42 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان بعد فرعون مُهر واري منڊي پنهنجيءَ آڱر مان لاهي يوسف کي آڱر ۾ پارائي. کيس عمدي ڪپڙي جو جبو ڍڪايائين ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پارايائينس.