Genesis 43:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن ماڻهن کي جو يوسف جي گهر ۾ وٺي آيا، تنهنڪري ڊپ وٺي وين، ۽ چوڻ لڳا تہ پهرئين ڀيري جي پيسا اسانجن ٻورن ۾ موٽائي وڌا هئائون، تنهن جي ڪري اسان کي هتي اندر وٺي آيا آهن، تہ اسان جي برخلاف ڪو بهانو ڳولي اسان تي ڪاهہ ڪن، ۽ هو اسان کي پنهنجا غلام ڪري اسان جا گڏهہ ڦري وٺن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي جڏهن کين يوسف جي گھر ۾ آندو ويو تڏهن هو ڊڄي ويا. هنن سوچيو تہ ”انهن پئسن جي ڪري اسان کي هتي وٺي آيا آهن جيڪي پهرئين دفعي اسان جي ٻورن ۾ وڌا ويا هئا. هو ڪو بهانو ڳولي اسان تي حملو ڪندا، اسان کي پنهنجو غلام بڻائيندا ۽ اسان جا گڏهہ بہ اسان کان ڦري وٺندا.“