Genesis 43:32 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هنن سندس لاءِ ڌار، هنن لاءِ ڌار، ۽ جيڪي مصري ساڻس گڏ کائيندا هئا، تن لاءِ ڌار ماني رکي؛ ڇالاءِ جو مصري عبرانين سان گڏ ماني ڪين کائيندا هئا، جو مصرين لاءِ اها نفرت جهڙي ڳالهہ هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هنن يوسف لاءِ ڌار ۽ انهن ڀائرن لاءِ ڌار ماني آڻي رکي. جيڪي مصري انهيءَ دعوت ۾ شريڪ هئا تن لاءِ بہ ڌار ماني رکي ويئي، ڇو تہ عبرانين سان گڏ کائڻ کي مصري ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڪري سمجھندا هئا.