Genesis 43:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هنن چيو تہ هن ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان جو ۽ اسان جي خاندان جو حال پڇيو، ۽ چيائين تہ اڃا اوهان جو پيءُ جيئرو آهي ڇا؟ اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي ڇا؟ تڏهن اسان انهن ڳالهين موجب کيس ورندي ڏني: اسان کي ڪا اها خبر هئي ڇا تہ هو چوندو تہ وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن وراڻيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان ۽ اسان جي خاندان جي باري ۾ پڇيو پئي. هن پڇيو ٿي تہ ’ڇا اوهان جو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ ڇا اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي؟‘ اسان تہ رڳو هن جي سوالن جا جواب ڏنا. اسان کي ڪهڙي خبر هئي تہ هو چوندو تہ ’وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو.‘“