Genesis 47:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اهو سال پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال وري هو وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين پنهنجي حاڪم کان اها ڳالهہ نٿا لڪايون تہ اسان جو پيسو سڀ کپي ويو آهي، ۽ چوپائي مال جا ڌڻ بہ سڀ سائينءَ جا ٿي ويا آهن؛ سائين جن جي نظر ۾ اسان جن سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهو سال پورو ٿيو تہ ٻئي سال هو وري وٽس آيا. هنن کيس چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کان اها ڳالهہ نہ ٿا لڪايون تہ اسان وٽان سمورو پئسو کپي ويو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال بہ اوهان جو ٿي ويو آهي. هاڻ اسان وٽ اوهان لاءِ اسان جي سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ بچيو آهي.