Genesis 47:29 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.