Genesis 48:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو هن انهيءَ ڏينهن کين برڪت ڏني، ۽ چيائين تہ تنهنجي نالي اسرائيلي هيئن چئي برڪت ڏيندا، تہ شل خدا توکي افرائيم جهڙو ۽ منسيءَ جهڙو ڪري:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هن انهيءَ ڏينهن کين هي چوندي خير جي دعا ڏني تہ ”بني اسرائيل ٻين لاءِ خير جي دعا گھرڻ مهل هيئن چوندا تہ ’شل خدا تو کي افرائيم ۽ منسيءَ جهڙو ڪري!‘“ سو هن افرائيم کي منسيءَ تي اوليت ڏني.