Genesis 5:29 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جنهن جو نالو نوح رکيائين، ۽ چيائين تہ زمين، جنهن کي خدا لعنتي ڪيو آهي، تنهن جي سبب اسين پنهنجن هٿن جو جيڪو پورهيو ۽ محنت پيا ڪريون، تنهن کان هي ٻار اسان کي آرام ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن پٽ جو نالو هي چوندي نوح رکيو تہ ”هي ٻار انهيءَ زمين تي، جنهن تي خدا لعنت ڪئي هئي، اسان جي سموري پورهئي ۽ محنت کان اسان کي آرام ڏيندو.“