Habakkuk 1:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي خداوند ، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.