Haggai 2:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ گوشت پنهنجن ڪپڙن جي دامن ۾ کڻي وڃي، ۽ پنهنجي دامن سان ماني، يا ڀت، يا شراب، يا تيل، يا ڪنهن بہ کاڌي جي شيءِ کي ڇُهي، تہ اُها شيءِ پاڪ ٿي پوندي ڇا؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏيئي چيو تہ نہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو قرباني ڪيل گوشت مان ڪو ٽڪرو پنهنجي لباس جي دامن ۾ وجھي کنيو وڃي ۽ سندس دامن ڪنهن ماني، ڀاڄي، مئي، زيتون جي تيل يا ڪنهن بہ قسم جي کاڌي واري شيءِ کي لڳي پوي تہ پوءِ ڇا اها شيءِ بہ پاڪ ٿي پوندي؟“ جڏهن حجيءَ اهو سوال ڪاهنن کان پڇيو تہ هنن وراڻيو تہ ”نہ.“