Haggai 2:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن حجيءَ کين خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”ساڳي ئي نموني منهنجي اڳيان بہ هي سڄي قوم ناپاڪ آهي. سو سندن هر پورهيو، بلڪ جيڪي ڪجھہ اهي قربانگاهہ تي پيش ٿا ڪن سو بہ ناپاڪ آهي.