Haggai 2:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن، اي منهنجا ٻانها زروبابل، سيالتي ايل جا پٽ، آءٌ توکي وٺندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي نگينہ منڊيءَ وانگي ڪندس: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توکي چونڊيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا ٻانها زربابل، سالتيايل جا پٽ! اهو رڳو تون ئي آهين جنهن کي مون چونڊيو آهي. هائو، انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند تو کي پنهنجي شاهي منڊيءَ جي نشانيءَ طور اختياري ڏيئي حڪمران مقرر ڪندس. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“