Hebrews 1:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون انهن کي چادر وانگر ويڙهي ڇڏيندين، ۽ اُهي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا: پر تون اُهوئي ساڳيو آهين ۽ تنهنجا سال کُٽڻ جا ناهن.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تون انھن کي چادر وانگر ويڙھي ڇڏيندين ۽ اھي پوشاڪ وانگر بدلجي ويندا. پر تون ھميشہ اھو ئي ساڳيو آھين، ۽ تنھنجا سال ڪڏھن بہ کٽڻ جا ناھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجو جيون ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجي زندگي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“