Hebrews 1:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇا خدا ڪڏھن ملائڪن مان ڪنھن کي ھيئن چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان؟“ نڪي ھي ملائڪن بابت چيو اٿائين تہ ”آءٌ ھن جو پيءُ ٿيندس ۽ ھو منھنجو فرزند ٿيندو؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن يسوع کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان“؟ يا ڪنهن دوت بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پتا ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو“؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن عيسيٰ کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان“؟ يا ڪنهن ملائڪ بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو“؟