Hebrews 1:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تو راستبازيءَ سان محبت ۽ بديءَ سان عداوت رکي؛ تنهنڪري خدا، يعني تنهنجي خدا، توکي خوشيءَ جي تيل سان تنهنجن سنگتين کان وڌيڪ مسح ڪيو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تو سچائيءَ سان محبت، ۽ بڇڙائيءَ سان دشمني رکي. تنھنڪري خدا، يعني تنھنجي خدا، خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪري تو کي چونڊيو، ۽ تنھنجي سنگتين کان تو کي مٿاھون ڪيو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تو سچائيءَ سان پريم، ۽ نيم جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي ايشور تو کي بيحد خوشيءَ واري وردان سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“