Hebrews 10:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن شريعت ائين ڪري سگھي ھا تہ ڇا اھي قربانيون چاڙھڻ بند نہ ڪري ڇڏين ھا؟ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن عبادت ڪندڙ ھڪ ئي دفعي بلڪل پاڪ ٿي وڃن ھا، تہ پوءِ اڳتي ھنن کي گناھن جي يادگيري بہ ڪانہ رھي ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن نيم ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي ٻليدان پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن ڀڳتي ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پوِتر ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي پاپي هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن شريعت ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي قربانيون پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن عبادت ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گنهگار هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.