Hebrews 10:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي جيئن تہ اسان جو ضمير گناھن کان پاڪ ٿيل آھي ۽ اسان جو جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آھي، تنھنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.