Hebrews 10:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ پرڀوءَ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.