Hebrews 10:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين!