Hebrews 10:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پهريائين مسيح چيو تہ ”ٻليدانَ، ڀيٽائون، ساڙڻ وارا ٻليدان ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدان تو نہ چاهيا، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي ٻليدان نيم موجب چاڙهيا وڃن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پهريائين مسيح چيو تہ ” قربانيون ، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاهيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي قربانيون شريعت موجب چاڙهيون وڃن ٿيون.