Hebrews 11:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وشواس جي ڪري ئي ابرهام پنهنجي آزمائش وقت اضحاق کي ڀيٽا طور ٻليدان ڪيو. جيتوڻيڪ ابرهام ايشور جا وچن قبول ڪيا هئا ۽ ايشور کيس فرمايو هو تہ ”اضحاق مان ئي تنهنجي پيڙهي جاري ٿيندي،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ٻليدان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ” اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.