Hebrews 11:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ ايشور کي مئلن مان جيوت ڪرڻ جي بہ شڪتي آهي. سو اضحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابرهام کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ خدا کي مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي بہ قدرت آهي. سو اسحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابراهيم کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.