Hebrews 11:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وشواس جي ڪري ئي هن فصح جو تهوار قائم ڪيو، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي ٻليدان ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو دوت بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.