Hebrews 11:35 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
زالن کي سندن مُئل جيئرا ٿي مليا، ۽ ٻيا عذاب سهندي مري ويا، پر ڇوٽڪارو قبول نہ ڪيائون؛ انهي لاءِ تہ انهن کي بهتر قيامت نصيب ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عورتن کي سندن مري ويل وري جيئرا ٿي مليا ۽ ٻيا عذاب سھندي سھندي مري ويا، پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انھيءَ لاءِ تہ ٻيھر جيئرا ٿي بھتر زندگي حاصل ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ ڪن نارين کي سندن مري ويل پيارا وري جيوت ٿي مليا. وشواس جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيوت ٿي بهتر جيون حاصل ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ ڪن عورتن کي سندن مري ويل پيارا وري جيئرا ٿي مليا. ايمان جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيئرا ٿي بهتر زندگي حاصل ڪن.