Hebrews 11:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايمان جي ڪري ئي ھابيل خدا وٽ قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني چاڙھي. انھيءَ جي ئي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاھر ڪيو تہ ھو سچار ھو. جيتوڻيڪ ھو مري ويو آھي تہ بہ ايمان جي ئي وسيلي اڃا تائين ڳالھائي پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وشواس جي ڪري ئي هابل ايشور آڏو قائن کان وڌيڪ سٺو ٻليدان پيش ڪيو. انهيءَ جي ڪري ايشور سندس ڀيٽا قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي وشواس جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.