Hebrews 11:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. ھن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ⁠جو خدا مٿي کڻي ورتس. ھن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ ھن بابت اھا شاھدي ڏني ويئي ھئي تہ ھو خدا کي پسند آيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وشواس جي ڪري ئي حنُوڪ مٿي آڪاش ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو ايشور کي پسند آيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آسمان ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ خدا مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو خدا کي پسند آيو آهي.“