Hebrews 12:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر پاپ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.