Hebrews 12:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان جا دنياوي پيئر ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر خدا جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.