Hebrews 12:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو ايشور جي ڪرپا کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو اپوِتر ٿي پون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو خدا جي فضل کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو پليت ٿي پون.