Hebrews 12:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خبر اٿوَ تہ انهي کانپوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ گهُريو، تڏهن هو منظور نہ ٿيو (ڇوتہ هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ مليو) جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙي انهيءَ کي هٿ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ کان پوءِ جڏھن ھن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. ھن کي توبھہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ ھن ڳوڙھا ڳاڙيندي انھيءَ برڪت کي ھٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڳولا ڪئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن آسيس جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ آسيس کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ برڪت کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.