Hebrews 12:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.