Hebrews 12:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.