Hebrews 12:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين انھن پھريتن جي جماعت، يعني ڪليسيا ۾ آيا آھيو، جن جا نالا آسمان ۾ لکيل آھن. اوھين سڀني جي منصف خدا وٽ ۽ ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين ايشور جي انهن پهريتن يعني چونڊي پوِتر ڪيلن جي منڊليءَ ۾ آيا آهيو، جن جا نالا ايشور وٽ آڪاش تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي انصاف ڪندڙ ايشور وٽ آيا آهيو. اوهين ايشور آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي آتمائن وٽ آيا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو.