Hebrews 12:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، اسان جا سنساري پتا اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جو مانسمان ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آڪاشي پتا يعني ايشور جي ڇو نہ وڌيڪ آگيا مڃون تہ جيئن جيوت رهون؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟