Hebrews 13:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِجو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.