Hebrews 2:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
حقيقت ۾ ايشور، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي مهانتا ۾ داخل ڪرڻ لاءِ يسوع کي تڪليفن جي وسيلي سندن مڪتيءَ جو ڪامل وسيلو بڻائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.