Hebrews 2:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وري هي تہ ”آئون هن تي اعتقاد رکندس.“ ۽ وري هي تہ ڏس ”انهن ٻارن سميت جي خدا مون کي ڏنا آهن.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ ھن تي ڀروسو ڪندس.“ ھو ائين بہ چوي ٿو تہ ”اِجھو، آءٌ آھيان ۽ اھي ٻار پڻ، جيڪي خدا مون کي ڏنا آھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ ايشور تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت ايشور آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ بہ خدا تي ڀروسو رکندس.“ هو ائين بہ چوي ٿو تہ ”آءٌ انهن ٻارن سميت خدا آڏو حاضر آهيان، جيڪي هن مون کي ڏنا آهن.“