Hebrews 2:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن يسوع پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني شيطان کي ناس ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.