Hebrews 2:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِجو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ هيڏي مهان مڪتيءَ کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ مڪتيءَ جو اعلان پهريائين خود پرڀو يسوع ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.