Hebrews 2:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، پوِتر شاستر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي ايشور! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جي چنتا ڪرين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين.