Hebrews 2:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“ خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ ايشور ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي وس هيٺ نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي وس هيٺ نہ ٿا ڏسون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ خدا ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي تابع نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي تابع نہ ٿا ڏسون.