Hebrews 3:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.