Hebrews 4:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي ايشور جي ڏمر هيٺ اچي وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.