Hebrews 4:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ اثرائتو آھي. اھو ٻہ⁠منھين تلوار کان بہ تکو آھي، اھڙو اندر ۾ چڀيو وڃي جو جان کي روح کان ۽ سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪيو ڇڏي. اھو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.