Hebrews 4:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، ايشور کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري سنديش مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.