Hebrews 4:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي وشواس رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ايشور فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ سنسار جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.