Hebrews 4:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ ايشور وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پوِتر لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“