Hebrews 6:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اھڙيون شيون آھن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آھي. ھاڻي خدا ائين ھن ڪري ڪيو تہ اسين، جيڪي سندس پناھہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آھيون، تن کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي تہ انھيءَ اميد کي جيڪا اسان جي اڳيان رکي آھي ھٿ ڪري سگھون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.