Hebrews 7:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ابرهام هن کي دشمن لشڪر کان هٿ آيل سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو راجا“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو راجا بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي شانتي، سو هو ”شانتيءَ جو راجا“ بہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابراهيم هن کي مالِ‌غنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي.