Hebrews 7:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اِهو قسم کڻڻ کانسواءِ مقرر نہ ٿيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو سڀ قسم کڻڻ کان سواءِ نہ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻيا قسم کان سواءِ ڪاھن مقرر ٿيا،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت ايشور خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ايشور انهيءَ ڪاهن يعني يسوع کي هيئن چيو تہ ”آءٌ پرميشور قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت خدا خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ خدا انهيءَ ڪاهن يعني عيسيٰ کي هيئن چيو تہ ”آءٌ خداوند قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“